اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملن??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ د??شتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن صوبيدار شج??ع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شج??عت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملن??ي. ??ن چيو ته ق??م جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.