اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سا??ن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ايس سا??حي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سا?? 16 ڊسم??ر جو ڏينهن پوري قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سا??ن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ايس سا??حي جي شهيدن سا?? عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي اها جدوجهد جاري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سا?? جاري رهندي.