اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيا?? جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ٻنهي طرف?? جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي، پاڪستان آسيان جو سڀ کان پراڻو س??ڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستا?? جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسا?? جي نوجوان?? جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي موقعي تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پاڪستان ان کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دور?? جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پاڪستا?? جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ڪيو. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپ?? جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپ?? جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاسٽا کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڪستان سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن کي سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرف?? جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دنيا کي پاڪستان بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن ج?? جي لاءِ پهريون قدم پاڪستا?? جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي هڪ اميد ڀر??ل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان کي وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پاڪستا?? جي 220 ملين آبادي مان 114 ملين آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پاڪستان اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پاڪستا?? جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمتن، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسا?? جي نوجوان?? جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.