اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا ??ي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لا??ِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لا??ِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لا??ِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لا??ِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.