اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ – ترڪيه بز??س ڪائونسل جي اجلاس ??ان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ترڪيه بز??س ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايشيا جو معاهدو 2022ع اهم آهي جيڪو واپار جي امڪانن کي استعمال ۾ آڻي نوان مو??عا کولڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.