اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن تي هر قسم جو تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري هج?? جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرز ??مل کي رد نه ٿو ڪري. عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي مو??عي تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عورتن جي خلاف ڪنهن به شڪل ۾ تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرز??مل کي رد نه ٿو ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ وچن ڪريون ٿا ته عورتن تي تشدد جي رواج کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.