اسلام آباد – 11 – آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ناليواري ڪشمير?? اڳواڻ الطاف شاهه جي ڀارت جي قيد ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ناليواري ڪشمير?? اڳواڻ جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مودي حڪومت ڪينسر جو مريض هجڻ جي باوجود کيس علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مودي جي ڀارت ۾ حراستي قتل معمول بڻجي و??ا آهن. الطاف شاهه سيد علي گيلاني جو نياڻو هو.