اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ميڊ??ا جي تنظيمن سان ملاقات ?? ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئ??. هڪ ا??و ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي ميڊ??ا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چيو ته منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ ا??و ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد ??و مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو ??و ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي.