اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ايراني خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ بابت مفا??مت جي ياداشت تي صح??حون ڪري ڇڏيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني منعقد تقريب ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي قومي خابرو ادارن پاران مفا??مت جي ياداشت تي صح??حون ڪيون. واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ دوري تي موجود ايران جي رستن ۽ شهري ترقي وارو وزير رسم قاسمي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مفا??مت جي ياداشت تحت ٻئي خابرو ادارا خبرن، وڊيوز ۽ تصويرن جي مٽاسٽا کانسواءِ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسٽاف جي گڏيل پيشيواراڻي تربيت جو ??هت??ام پڻ ڪندا.