اسلام آباد – 23 – ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??طر سان گڏ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. منهنجو ??طر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ دوستي جي رستي جي تجديد هوندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم چيو ته پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي ??طر روانو ٿئي رهيو آهيان. اهو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي و?? ۾ ??ائي چاري ۽ دوستي جي رستي جي تجديد ڪندو. اسان پنهنجي تاريخي ٻه طرفا لاڱاپن کي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڱاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو. ه?? چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اڳواڻن س??ن ڳالهه ٻولهه جي دوران پاڪستان ۾ تجديد جي قابل توانائي، خوراڪ جي حفاظت، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي، سياحت ۽ مهمان نوازي جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن کي اجاگر ڪندس. دوري جي تناظر کي سمجهڻ ضروري آهي. دنيا ڪووڊ 19 جي وبا سان متاثر معيشت جي بحالي ۾ سست روي کي منهن ڏيئي رهي آهي. جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ گهرج ۽ ورڇ کي متاثر ڪيو آهي ۽ وڌندڙ توانائي ۽ خوراڪ جون قيمتون مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. اسان جا گڏيل چيلنچز تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي گهرج ڪن ٿا.