اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊا??ر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪي??. ع??لمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊا??ر جي فوري امداد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ 110 ملين ڊا??ر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊا??ر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو وي??. ع??لمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثر??ن جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستان??ن جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثر??ن جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثر??ن جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.