لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قابل آ??يس?? بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪندا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آ??يس??ن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سول ۽ انتظاميا جي آ??يس??ن سان ملاقات دوران ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ آ??يس??ن وزيراعظم کي گورننس، انتظامي معاملن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دل جي گهراين سان توهان کي عيد جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هتي توهان جهڙا قابل آ??يس?? موجود آهن، بنا ڪنهن شڪ جي توهان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهيو، قابل آ??يس?? سياسي حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رهنمائي ۽ معاونت ڪندا آهن. هن چيو ته جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آ??يس??ن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ڪپتان پنهنجي ٽيم کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ??ه احتساب ۽ شفافيت جي آڙ ۾ آ??يس??ن کي بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪري انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته قومي خدمت اسان جو نصب العين آهي، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت قبول نه آهي، الله مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، منهنجو اهو عزم آهي ته قابل آ??يس??ن سان گڏجي اهو سفر شروع ڪريان. هن چيو ??ه احتساب ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانونن جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، سول سرونٽس حڪومتي ٽيم جو حصو هوندا آهن انهن جي خدشن جو تدارڪ پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، اڳوڻن چيف سيڪريٽرين ۽ مختلف کاتن جي سربراهن مستقبل جي منصوبن، موثر بيورڪريسي جي ڪردار ۽ عوام کي مخت??ف شعبن ۾ ريليف جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون.