اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ را??طو ڪري شهيدن جي ??ظي?? قرب??ني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ را??طو ڪري خ??دڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سندس وارثن سان همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن کي وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پوئينرن سان به ٽيليفونڪ را??طو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئينرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وارثن سان به ٽيلفونڪ را??طو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.