اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پ??ڪ??تا?? جي لاءِ فخر جوڳي آهي، او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام ??ڪم?? ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام ??ڪم?? ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سي??ريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ سي سي??ريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻين ملڪن جي پ??ڏيهي وزيرن جي آمد متوقع آهي، او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پ??ڪ??تا?? جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊا آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي و??ندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? او آءِ سي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪ??تا?? کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پ??ڪ??تا?? جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيهي وزير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پ??يڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.