اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 1967ع ۾ تربيلا ڊيم کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ 10 وڏا ڊيم ٺاهي رهيو آهي جنهن سان سستي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته انهن منصوبن سان پن بجلي جي پيداوار 9500 ميگا??اٽ مان 20800 ميگا??اٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سڀاڻي انشاءَ الله واپڊا جي اهتمام هيٺ آسٽريليا، سوئيٽزرلينڊ، آم??يڪا، ترڪيءَ ۽ چائنا سميت ڊي??ز جي ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ٿيندي.