اسلام آباد ?? 02 ??يبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت ۽ ان سان جڙيل ٻين شعبن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ س??احت جا ب?? پناهه موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار ??بدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وادي ۾ س??احت جي شعبي جي ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت جي بهتري ۽ روزگار ??ا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪشمير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ احتساب ايڪٽ جي بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون جي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.