اسلام آباد– 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي آر وائي ڊجيٽل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر (سي اي او) سلمان اقبال پاران سندس درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اض??في تي واکاڻ ڪئي آهي. جمعي ڏينهن ٽوئي??ر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي درخواست تي عمل ڪرڻ ۽ ملازمن جون پگهارون وڌائڻ تي آئون اي آر وائي ڊجيٽل نيٽ ورڪ جي سي اي او ۽ صد?? س??مان اقبال جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻين ڪمپنين کي به اپيل آهي ته جن گذريل سال دوران رڪارڊ منافعو ڪيو آهي اهي به پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اض??فو ڪن.