اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز پاران 16 هين التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي ۽ ٻي طرف عدالتن ۽ فوج جي خلاف منظم پروپيگنڊا مهم جاري ۽ ساري آهي، اهي م??ڻهو سيسلين مافيا نه آهن ته ٻيو ڇا آهن؟ اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايڊووڪيٽ سپريم ڪ??رٽ عرفان قادر پاران اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ ۾ مريم نواز شريف جي م??تلف ڪيسن ۾ التوا جي لاء?? پيش ڪيل درخواست به شيئر ڪئي.