اسلام ??با?? – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي ??راهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي ??ائيدار امن جي ??اءِ ضروري آ??ي، مسلمان امت پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ??سلسل تائيد ساراهه جوڳي آ??ي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي ??فد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انهن جي ??نصفاڻي جدوجهد جي ??اءِ مسلمان امت جي ??رعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي ??قرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ??يو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??با??ي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آ??ي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ??ين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي ??وري ض??ور?? تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ف??سط??ن سميت پراڻن تڪرارن جي ??رامن حل جي ض??ور?? تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ??اءِ بنيادي شرط آهي.