اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي فوجي قبضي جي خلاف ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن ک?? لتاڙيندي طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو جنهن ک?? برقرار رکڻ جي ل??ءِ هو والاريل علائقي ۾ ان??ان?? حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي ل??ءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسو??ءِ ريڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ خصوصي پروگرامز نشر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسو??ءِ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري اڳواڻ، ناليوارين شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي نمائندن کانسو??ءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ??دمن سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج پاران ڪشميري عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن ک?? اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن جي عڪاس تصويرن تي ٻڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪاري ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليوارين شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي قابض ڀارتي فوج ڪشمير تي غيرقانوني ??بضو ۽ ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ جي ل??ءِ سمورن قانونن ۽ ان??ان?? حقن ک?? لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي والاريل ڪشمير جي تڪراري علائقي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ ان??ان?? حقن جون خ??اف ورزيون فوري طور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني ??دم واپس وٺي.