اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي شڪست کانپوءِ ڪشمير ۾ جيڪو جشن ملهايو ويو، اهو مودي اينڊ ڪمپني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جهڙي طرح مسلما??ن کي هڪ دفعو ٻيهر مودي جي چمچن ذهني ۽ جسماني اذيت ج?? نشانو بنايو ان جي مذمت ڪرڻي پوندي، شدت پسندي جي خلاف آواز بلند ٿيڻ گهرجي.