لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري ??حمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري ??نصوبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر چوڌري ??حمد سرور وزيراعظم عمران خا?? کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر ??ابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان مڪمل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو د??رو پڻ ڪري رهيو آهيان جنهن جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پ??جاب آب پاڪ اٿارٽي جي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻه?? کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا منصوبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن منصوبن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري ??حمد سرور وزيراعظم عمران خا?? کي وڌيڪ ٻڌايو ته پ??جاب جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب جي يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي گورنر چوڌري ??حمد سرور کي پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي منصوبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري ??اڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.