اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ٻي و??ي محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري پ??هنجي طرز جو هڪ منفرد پاڪستاني پ??يلين هوندو، واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪردار کي پ??ري دنيا ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ ا??ٿڪ ڪردار ا??ا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.