اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي ??زي?? اسد عمر، نجڪاري واري ??زي?? محمد ميان سومرو، بح??ي معاملن واري وفاقي ??زي?? علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي ??زي?? عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي ??زي?? سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پلانٽس قائداعظم ٿرمل پاور پلانٽ، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ لاءِ پاور پرچيز ايگر??مي??ٽ ۽ گئس سپلائي ايگر??مي??ٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خري?? ۽ ??ڪرو ڪندڙ ماهوار پيداوا??ي منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگر??مي??ٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگ??ي مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداوا??ي منصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداوا??ي منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ?? فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.