ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قب??ا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ ا??شو??نس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي م??ئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، م??امي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي م??عارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قب??ا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي م??ارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قب??ا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قب??ا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي م??نت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قب??ا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.