اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي و??ري کاتي جو تعا??ن لازمي آهي، آبادي جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي و??ير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي جي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني و??ي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي و??ري کاتي جو تعا??ن لازمي آهي، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??، آبادي جي ڀلائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آهي.