اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محم?? صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا ??طي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي ويا آهن، پاڪستان چين سان گڏ پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اهڙن خ??الن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رون?? سان ڳالهائيندي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.