اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته سياسي بدمعاشن کي ??لڪ جي تشخص کي بري طرح مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو ويندو، هي اهي ماڻهو آهن جن سياست کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ذاتي مفادن بدران قومي مفادن تي سياست ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ث??وت اڀي نندن جي شڪل ۾ پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ ??ي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته ان ملڪ جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو وڃي ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃي ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ذميواريون س??ڀا??يون ته ملڪي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجي ساک ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان ملڪ ??ي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن خدا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي باوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان اتي ماڻهو ٺيلهن تي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي ??ستحڪم ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري ان کي ??ثبت ڪيو ويو، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.