اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اڄ احساس گورننس ۽ ديانتداري پاليسي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي، ان پالي??ي کي ڪابينا باضابطه طور تي منظور ڪئي ۽ نومبر 2019ع ۾ ان کي باقاعده جاري ڪئي وئي، اها پاليسي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن تي لاڳو ٿيندي آهي ۽ ان جي عملدرآمد اي??نسين ۾ بي آءِ اي?? پي، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ ۽ ٽرسٽ فار والينٽري آرگنائيزيشن شامل آهن، ڪرپشن جي حوصلا شڪني، عوامي مسئلن جي استعمال تي قاعدن تي ٻڌل ڪنٽرول، نتيجن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ احساس ان پالي??ي کي پنهنجي 135 پروگرامن ۽ پالسيي قدمن ۾ شامل ڪيو آهي، پي اي اي?? اي?? ڊي جي چئني عملدرآمد اي??نسين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل هڪ سال کان احساس گورننس آوبزرويٽري تي ڪم جاري آهي، ان حوالي سان اسان ڊسمبر 2019ع کان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو،