اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائين??ڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ماڊل جيل جي قيام جي لاءِ گرين ايرياز تي جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئ?? ته گرين ايرياز تي ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪيا وڃن، گرين ايرياز تي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظ?? هدايت ڪئ?? ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿين??ڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئ?? وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس جي خلاف جاري ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئ?? وئي.