اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قطر سان دو??تاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن کي مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي س??ح تي غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت وائرس تي ضابطو آڻن لاءِ هر ممڪن ڪ??شش ڪري رهي آهي، عالمي ۽ علائقائي س??ح تي پارليامينٽن تي موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي موجب اهڙن خيالن جواظهار هن سومر ڏينهن قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني س??ن ملاقات دو??ان ڪ??و. ملاقات ۾ اهم معاملن، ڪورونا وائرس جي س??ب پيدا ٿيندڙ صورتحال، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، اداره جاتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين چيو ته قطر سان دو??تاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي س??ح تي غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، وبا جي خلاف عالمي س??ح تي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪ??شش ڪري رهي آهي.