اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته محرم الحرام دوران عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي قدم?? جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت کانپوءِ هيلٿ گائيڊ لائينز ۽ پروٽوڪولز تي مشتمل تفصيلي پلان آف ايڪشن لاڳو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير اسد عمر سمورن اسٽڪ هولڊرن کي هدايت ??ئ?? ته وبا جي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدمن تي عملدرآمد سان گڏوگڏ اها ڳالهه به اهم آه?? ته انهن قدم?? جي خلاف ورزين تي ڏنڊ ۽ سزا ک?? به يقيني بڻايو وڃي.