اسل??م آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، انهن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر مد?? ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ اولين ت??جيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان ت??لق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي معاملن، ڪورونا وبا ??ي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان روڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ترقياتي منصوبن کي مقرر مد?? ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن اولين ت??جيح آهي.