اسلام آ??اد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته نرسنگ جي عالم?? معيار موجب ??اڪستان کي 13 لک نرسن جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ 87 هزار رجسٽرڊ نرسنون ڪم ڪري رهيون آهن، نرسنگ جي حوالي سان قانون تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نرسن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.