اسلام آباد ??? 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خا?? رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل مع??ملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي مع??ملن واري خاص مع??ون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خا?? رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ت?? ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.