اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آ??ي ته قومي اسيمبلي جو اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع پارليامينٽ کي غربت، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ جهڙا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آ??ي ته آئون رڳو پي ٽي آءِ جو اسپيڪر نه آهيان پر پوري ايو??ن جو ڪسٽوڊين آهيان، موثر قانونسازي جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي ۽ پارليامينٽ ذريعي ئي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز ۾ قومي اسيمبلي اسٽريٽجڪ پلان 23 – 2019ع جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پنهنجي جاري وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قانونسازي جي صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.