اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته غريبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، ??نعت جڏهن هلندي آهي ته غريب جو چلهو ??رندو آهي، ??دالت ۾ ڪڏهن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان خيانت ڪئي وئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، ??وام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو، قانون سڀ??ي جي لاءِ هڪ جهڙو آهي ان جي اسان کي جدوجهد جاري رکڻي آهي، ??حتساب هن قوم جي ۽ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا س??نٽر اسلام آباد ۾ سمارٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.