اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي ??ختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي ??والي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي ??زادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ??يڪا تاري?? اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي ??روعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.