اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي ??جرات، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، وهاڙي ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ت??جم??ن چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته انهن ملندڙ مڙهن جي ڊي اين اي ميچنگ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنه?? ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.