ملتان – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران ??يازي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو ۽ چور، ڌاڙي جا نعرا هڻي وقت برباد ڪيو. ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جي معائني دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان ??نصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو هو ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪيا هئا. جهرلو اليڪشن کانپوءِ جيڪي عمران ??يازي کي ڪلهن تي ويهاري اقتدار ۾ وٺي آيا هئا انهن کي گهرجي ها ته عمران ??يازي کان ??ي اسپتال ٺهرائين ها ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ها پر پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا ۽ تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال لاءِ رڳو 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪو هڪ مذاق هو. هن اسپتال کي رڳو ان ??اءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪريڊٽ نه ملي وڃي. وزيراعظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن اسپتال جي تعمير 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هي عوامي خدمت جو منصوبو آهي. وزيراعظم نگران ??ڏي وزير محسن نقوي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي هن منصوبي کي مڪمل ??رڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي خراج ت??سين پيش ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي حمزه شهباز جي قيادت ۾ مختصر مدي جي لا??ِ پنجاب ۾ خدمت جو موقعو مليو پر جيڪو ڪجهه ان سان ??يو اهو به تاريخ جو حصو آهي. ماضي ۾ اسان جون حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها ۽ عمران ??يازي کي اقتدار ۾ نه آندو وڃي ها ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هجي ها. هو 4 سال هٿ تي هٿ ڏئي ويٺل رهيو ۽ چور ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو. وزيراعظم چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته اسپتال جي لاءِ مشينري پڻ درآمد ڪئي وئي آهي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان ??نصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون قوتون گڏجي پاڪستان جي لا??ِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران ??ڏو وزير محسن نقوي پڻ ان ??وقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته 500 بيڊز تي ٻڌل نشتر ٽو اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جي عوام فائدو کڻندي.