ڪراچي-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال م??مڻ موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف ميٽرولوجسٽ طوفان جي ڪراچي ۾ اثرن ۽ طوفان جي اثرن کي شهر ۾ منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ڪمن ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪر?? جي قدمن ۽ انتظامن بابت پي ڊي ايم اي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي چيف ميٽرولوجسٽ ڪمشنر کي ??ڌا??و ته ڪراچي ۾ 15، 16 ۽ 17 جون تي تيز هوائن سان تيز برسات جو امڪان آهي. خدشو آهي ته هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. بحرحال م??سم جي اها صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.