اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ روسي فيڊريشن ج?? وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) ا??ار?? ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون تي اسلام آباد جو دورو ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ڪندي??ن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪس??ان ۽ روس ج?? وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سال??ره?? ملهائي رهيا آهن.