اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، ش??گرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪاي?? ڪندڙ) ??فا??ي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، ش??گرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ??ن کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. ??فا??ي محتسب يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد ??فا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي ??فا??ي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، ش??گرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ??ن کي يونيورسٽي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يونيورسٽي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.