اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي م??قع?? تي يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ ۽ سووينئر جاري ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لاءِ دستاب هوندو. ڊاڪ ٽڪيٽ ??ان 50 سووينئر شيٽ ب?? جاري ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي م??قع?? تي يادگاري ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي او، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي او مان ڊاڪ ٽڪيٽن لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست ??ان بينڪ ڊرافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي م??قع?? تي مختلف يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ انهن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ان تاريخي م??قع?? کي يادگار بنائڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع تائين پارليامنٽ هائوس ?? هڪ تاريخي ٽن ڏينهن وارو اجلاس گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يادگار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973ع جو سال پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ هڪ آئيني دور جي نشاندهي لاءِ نمايان رهندو. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح ??ان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل ا??ان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.