ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري دهشتگردي جي خلاف آپ??يشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوانن جي شهادت تي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپ??يشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته قوم پنهنجي جوانن سپاهي عمران الله شهيد، سپاهي افضل خان شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽ?? زرداري شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي، هاڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.