اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ه??اي?? تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران شام جي زل??لي متاثرين جي لاءِ امدادي کيپ خصوصي جهاز ذريعي دمشق رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سامان ۾ خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. امدادي اڏام اربع ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دمشق لاءِ رواني ٿي. وفاقي وزير ر??ڻا تنوير، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ شام جو سفير به ايئرپورٽ تي موجود هو. زل??لي سان شامي متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جلد موڪليو ويندو. پاڪستان پاران مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. امدادي سامان شام ۾ مقرر پاڪستان جو سفير شاهد علي وصول ڪندو. ان کانسواءِ وڌيڪ امدادي سامان رستي وسيلي شام ۽ ترڪيءَ جي لاءِ جلد روانو ڪيو ويندو.