اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پا??ستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پا??ي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پا??ستان جي م??د ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي ا??رن?? نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پا??ستان ۾ تازي ٻ??ڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پا??ستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پا??ستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پا??ستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقص??ن پهتو آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين س??ن پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.