استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي ??مائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري جي ??اءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلا??ات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي ??وقعي تي ثقافت واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اقتصادي، واپاري?? ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ??نهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري?? ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي ??ڏي?? منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي ??اءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلا??ات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي ??ٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت واري وزير پاڪستان سان اطلا??ات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلا??ات واري وفاقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.