اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب سان پا??ستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ پراڻن ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي ملڪ جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي سعودي سفير ??ي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ورڪنگ ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ميڊيا ۽ فلم جي شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پا??ستان حڪومت ۽ عوام جي دل ۾ خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي قيادت جي لاءِ تمام گهڻ?? عزت ۽ احترام آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پا??ستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ سعودي عرب جي سفير جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ذاتي طور تي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي سعودي سفير ??يو ته پا??ستانين جو وڏو انگ سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پا??ستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي شديد ڏک ٿيو آهي. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي حڪومت پا??ستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن امداد جاري رکندي.