اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽ?? ا??ن اي?? آر سي سي ميجر جنرل ظف?? ا??بال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ رسپانس اي??ڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين اي?? آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر زرعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ويو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان فراهم ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هوند??. ف??رم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ڪيو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ٿيند??. ف??رم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ جي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.